ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2 |
|
سوال: توهان سرمد سنڌي جا گانا ڳائيندا آهيو ته سرمد سنڌي جو گانو ”حال منهنجي ڏسي“ اهو توهان ڳائيو پنهنجي نئين ڪيسٽ ۾. عبداللطيف چاچڙ/ڪشمور) ديبا سحر: جي ها ادا مان انشاءَ الله ضرور ڳائيندس. سوال: توهان کي ڳائڻ جو شوق ڪيئن ٿيو ڇا توهان جي خاندان ۾ڪوئي هن فيلڊ ۾ آيو هو (نامعلوم) ديبا سحر: جي ها منهنجو بابا ڳائيندو هو، انهن کي ڏسي ڳائڻ جو شوق ٿيو. سوال: توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ (غلام حسين کوسو/ٺل شهر) ديبا سحر: انٽر سوال: توهان کي ڳائڻ جو شوق ڪڏهن ٿيو؟ (ممتاز علي/ حيدرآباد)
سوال: توهان پنهنجي گائيڪي ڪڏهن کان شروع ڪئي؟ (محرم علي اوڍو/جيڪب آباد) ديبا سحر: آئون جڏهن ٻارنهن سالن جي هيس تڏهن کان گائيڪي شروع ڪئي. سوال: هن فني ماحول ۾ اچڻ وقت ڪجهه مشڪلات آڏو آيون يا نه؟ (محمد قاسم بوزدار/رتوديرو) ديبا سحر: بلڪل هر آرٽسٽ کي مشڪلاتون ته درپيش اينديون آهن ۽ اهو فن ايترو آسان نه آهي جو هر ماڻهو آرام سان پنهنجو شوق پورو ڪري، هر ڪم ۾، محنت ڪرڻي ٿي پوي، تڏهن وڃي منزل ملي ٿي. سوال: هن وقت تائين توهان جون ڪيتريون ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون آهن. ديبا سحر: تقريبن 50 ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. سوال: توهان ڪيترين ٻولين ۾ ڳائي سگهو ٿا؟ ديبا سحر: آئون تقريبن هر زبان ۾ ڳائي سگهان ٿي. سوال: توهان جي تاريخ پيدائش ڪهڙي آهي ۽ شهر؟ ديبا سحر: 15 جنوري 1980ع سوال: توهان جو اصل نالو به اهو ئي آهي. ديبا سحر: جي ها منهنجو اصل نالو ديبا ئي آهي. سوال: توهان جي زندگي ڪيئن پئي گذري؟ (احمد کٽي- احمد صديق/شهر ٻهارا ضلعو ٺٽو) ديبا سحر: زندگي فرسٽ ڪلاس پئي گذري، صحيح گذري پئي سوال: ٻار ٻچا ڪيئن آهن؟ ديبا سحر:ٻار ٻچا ٺيڪ آهن. سوال: توهان جي خواهش ڪهڙي آهي. (فرح/ ڪنڌڪوٽ) ديبا سحر: خواهشون ته انسان جون کٽنديون ئي ناهن، منهنجي ڪابه خواهش ناهي. سوال: توهان جا گهڻا ٻار آهن؟ ديبا سحر: مون کي ٽي ٻار آهن. سوال: توهان جو استاد ڪير آهي؟ (نصير/شڪارپور) (محمد اسلم/لاڙڪاڻو) ديبا سحر:منهنجو استاد مرحوم استاد فتح علي خان هو، هاڻي آئون استاد امير علي خان کان سکيا وٺي رهي آهيان. سوال: صابر کوسو سان توهان جي شادي ڪيئن ٿي؟ ارينج يا لَوَ ديبا سحر: اسان جي شادي لَوَ ميرج آهي. سوال: توهان جو اولاد ڪيترو آهي ۽ ڪيترا ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا آهن؟ (خوشبو/حيدرآباد) ديبا سحر:مون کي ٽي ٻار آهن، 2 ڇوڪرا ۽ هڪ نياڻي آهي. سوال: توهان جي بينظير جي ڪيسٽ ڏاڍي ڀلي هئي؟ (رضيه/نندو شهر) ديبا سحر: مهرباني ادي. سوال: اسان جي فرمائش آهي ته توهان گانو ٻڌايو ته تنهنجي کلڻ تان صدقي ٿيان؟ (ولي محمد/ٽنڊوباگو) ديبا سحر: اهو توهان ڪيسٽ ۾ ٻڌجو. سوال: توهان شادي پسند جي شادي ڪئي يا مائٽن جي پسند جي؟ (نامعلوم) (محمد مٺن جوکيو/گجو ڳوٺ گوهر خان جوکيو) ديبا سحر: گهڻو ڪري ته قسمت جو ئي عمل دخل هوندو آهي پر ظاهر آهي انسان هڪٻئي کي پسند ڪندو آهي، تڏهن شادي ڪندو. سوال: توهان جي پيدائش وارو هنڌ ڪهڙو آهي ۽ توهان جو ڪهڙي قبيلي سان تعلق آهي؟ (عبدالحسين جوکيو/ٺٽو) ديبا سحر: ڪراچي ۾ منهنجو جنم ٿيو ۽ اسان جي ذات ڀٽي آهي. سوال: موسيقي جي سفر ڏانهن آيا ته توهان جا تاثرات ڪهڙا هئا ته توهان کي ايتري موٽ ملندي يا نه؟ (لال چند/عمرڪوٽ) ديبا سحر: مون کي اميد هئي ته محنت ڪندس انشاءَ الله پر ايڏو ڪونه سوچيو جيترو الله سائين مون کي نوازيو آهي، موٽ مون کي جيتري ملي آهي مان سمجهان ٿي ته الله سائين جو شڪر آهي، جيڪو مون کي عزت بخشي آهي ۽ اها گهٽ ماڻهن کي ملندي آهي، آئون ٿورائتي آهيان، پنهنجي الله سائين جي. سوال: توهان اصل ڪٿان جا آهيو؟ توهان جو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ (ڊاڪٽر زاهد) ديبا سحر: مان ڪراچي جي آهيان، منهنجو مڙس ٽنڊو آدم حيدرآباد جو آهي. سوال: اسان توهان جا گانا شوق سان ٻڌندا آهيون. ديبا سحر: مهرباني ادا (حيدر علي نايو/ٽنڊوڄام) سوال: توهان فني ڪيريئر جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟ (هريش ڪمار/ٽنڊوالهيار) (قاضي اياز/بدين) ديبا سحر: سال 1995ع کان مون فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. سوال: توهان جو نئون گانو ڪشش تي ڪڏهن ٿو اچي؟ ديبا سحر: نئون گانو، ڪيسٽ ته اچي چڪي آهي هاڻي ڏسون وڊيو به انشاءَ الله جلد اچي ويندي. سوال: توهان جو پهريون ڪلام ڪهڙو آهي؟ فن جي شروعات ڪٿان ڪئي. (عنايت الله بروهي/تعلقو رتوديرو) ديبا سحر: پهريون گانو منهنجو ”تون نيڻن کڻي مرڪين ٿو“ ان جو شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪو لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو. فن جي شروعات مون پروگرام روشن تارا کان ڪئي جيڪو پي ٽي وي تي هلندو هو، ٻارن جو پروگرام هو. سوال: توهان جي نظر ۾ زندگي ڇا آهي؟ (سليم/ٿاڻو بولا خان) (غفار ٻگهيو/مورو) ديبا سحر: منهنجي نظر ۾ زندگي خواب جيان آهي. سوال: توهان بلوچي ۾ گيت ڳايا آهن؟ (فدا حسين بوزدار/رتوديرو) ديبا سحر:جي ها مون بلوچي ۾ به گيت ڳايا آهن. سوال: توهان پنهنجي اولاد کي آفيسر ڪندا يا وري اهي به شوبز ڏانهن ايندا؟ ديبا سحر: اهو ته الله جي وس ۾ آهي، اولاد جي تقدير ته خدا جي وس ۾ آهي، هر ماءُ پيءُ جو اهو خواب هوندو آهي ته ان جو اولاد نالو ڪمائي. سوال: توهان جي پٽن جا نالا ڇا آهن؟ ديبا سحر: وڏي پٽ جو نالو ساحل ۽ ننڍي پٽ جو نالو ساون. سوال: توهان جي فيملي مان ڪو فرد ان فيلڊ ڏانهن آيو. (هريش ڪمار/ٽنڊوالهيار) ديبا سحر: منهنجي فيملي مان منهنجو بابا تمام سٺو سنگر هو، ان جو نالو اعجاز حسين ڀٽي هو. سوال: توهان جي مڙس جو نالو ڇا آهي؟ ديبا سحر: منهنجي مڙس جو نالو صابر کوسو آهي. سوال: توهان جو مڙس ڇا ڪندو آهي؟ ديبا سحر: منهنجو مڙس زميندار آهي. سوال: توهان جو اصل ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ ماروي/لاڙڪاڻو) ديبا سحر: آئون ڪراچي جي آهيان ۽ منهنجو مڙس ٽنڊو آدم جو آهي. سوال: توهان زندگي ۾ ڏک ڏٺا آهن؟ (رحيم داد ڳائو/پيرومل – ڳوٺ فقير حاجي گل محمد ڳائو) ديبا سحر: زندگي آهي ئي ڏک جو نالو آهي، سک به کوڙ ڏٺا آهن. ڏک به کوڙ ڏٺا آهن. سوال: توهان ڪٿي رهندا آهيو؟ (جابر احسان/روهڙي) ديبا سحر: اسين حيدرآباد ۾ رهندا آهيون. سوال: توهان KTN تي ڪيترا گانا ڳايا آهن؟ ديبا سحر: مون ڪيترائي گانا ڳايا آهن، مڪمل تفصيل ياد ناهن، ڪي ٽي اين جي مختلف پروگرامن ۾ پڻ گيت ڳايا آهن. سوال: توهان جي ڳائڻ وقت ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟ (غلام حيدر نايو/ٺٽو) ديبا سحر: نارمل هوندي آهي، صحيح هوندي آهي، آئون خوشي سان ڳائيندي آهيان. سوال: توهان جي پسنديده شخصيت جنهن توهان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هجي؟ (اقرار آفتاب خاصخيلي/شهر جهڏو ڊسٽرڪٽ ميرپورخاص) ديبا سحر: منهنجي پسنديده شخصيت بينظير ڀٽو صاحبه آهي. سوال: توهان بحيثيت سينيئر فنڪاره اڄڪلهه جي نئين ٽهي مان ڪيتري قدر مطمعين آهيو؟ ديبا سحر: نئين ٽهي جا فنڪار محنت گهٽ پيا ڪن، آئون گهڻو ته نه چئي سگهندس پر انهن کي محنت ڪرڻ گهرجي. سوال: توهان جي نظر ۾ زندگي ڇا آهي؟ (غفار ٻگهيو/مورو) ديبا سحر: منهنجي نظر ۾ زندگي خواب جيان آهي. سوال: توهان جو اسٽار ڪهڙو آهي؟ ديبا سحر: منهنجو اسٽار ڪپيري ڪون آهي. (محمد مٺن جوکيو/گجو گوهر خان جوکيو) سوال: توهان کي ڪو اهڙو واقعو ياد آهي جيڪو توهان زندگي ۾ پيش آيل واقعو، جڏهن توهان ڳائيندا هجو تڏهن اهو توهان کي ياد ايندو هجي؟ (آڪاش صادق مڱريو/بدين) ديبا سحر: منهنجي بابا جي وفات نه ٿي وسري، آئون ان کي ڳائيندي وقت ڏاڍو ياد ڪندي آهيان. سوال: توهان جو پسنديده گانو ڪهڙو آهي؟ ديبا سحر: منهنجا سڀ گانا سٺا آهن. ”بادل ڙي“ سٺو آهي شيخ اياز جي شاعري آهي. (آغا نويد پٺاڻ/شڪارپور) (شعيب ٿهيم/دادو) (سليم خاصخيلي/ٿاڻو بولا خان) (سينگار مري/قاضي احمد) |