ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

 

منهنجي خيال ۾ ميڪ اپ عورت جو حق آهي، ڇاڪاڻ ته هر عورت چاهيندي آهي ته مان سڀني عورتن ۾ خوبصورت لڳان ان ڪري هوءَ ميڪ اپ ڪندي آهي. اصل ۾ عورت لاءِ ميڪ اپ زندگي جو هڪ اهم حصو ٿي پيو آهي. عورت ميڪ اپ کانسواءِ زندگي گذاري نٿي سگهي، هو اهو سوچيندي آهي ته مان ميڪ کانسواءِ سٺي نه لڳنديس. پارٽي، شادي، فنڪشن وغيره ۾ ميڪ اپ کانسواءِ وڃڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهي، منهنجي خيال ۾ ڪٿي وري ڪنهن عورت جي احساس ڪمتري به ٿي سگهي ٿي. هن کي الله جي طرفان بي پناهه حُسن مليل هوندو آهي وري به هوءَ ميڪ اپ ڪري ٿي. هوءَ وڌيڪ خوبصورت ٿيڻ لاءِ بيوٽي پارلر جو رُخ ٿي ڪري. شادي ۾ وڃڻ لاءِ الڳ ميڪ اپ ته پارٽي يا فنڪشن ۾ وڃڻ لاءِ الڳ ميڪ اپ ڪرائي ٿي. هو ائين نه سوچيندي آهي ته ائين ڪرڻ سان پئسي ۽ وقت جو زيان ٿو ٿئي پر وري به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ميڪ اپ ڪرائي ٿي مان هن موضوع تي اوهان ڀيڻن سان هي لطيفو شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي پر مان ڀيڻن کي چونديس ته پليز هن لطيفي کي لطيفو ئي سمجهجو Mind نه ڪجو. لطيفو ڪجهه هن طرح سان آهي ته ”هڪ هنڌ پارٽي ٿي رهي هئي اتي اچانڪ بارش ٿي پئي هڪ ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ لڪي ويو جڏهن بارش گهٽ ٿي ته ٻار ماءُ جي هنج مان نڪري چوڻ لڳو آنٽي منهنجي ماءُ ڪٿي آهي، اها عورت چوڻ لڳي ته مان ئي تنهنجا ماءُ آهيان.“ فرق صاف ظاهر آهي ته ميڪ اپ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو عورتون هڪ ٻئي کان وڌيڪ خوبصورت لڳڻ لاءِ ميڪ اپ ڪنديون آهن جيئن ٻي ڪابه عورت مون کان وڌيڪ خوبصورت نه لڳي پر اها شايد خبر نه هوندي اٿن ته عورت کڻي ڪيترو به ميڪ اپ ڪري جيستائين قدرت طرفان سونهن نه ملي تيستائين هي مصنوعي ميڪ اپ بيڪار آهي.

فوزيه علي محمد سولنگي/وليج محمد حسين سولنگي

                دنيا جي هر عورت پنهنجي پاڻ کي خوبصورت بڻائي پيش ڪرڻ کي پنهنجو بنيادي حق سمجهي ٿي ۽ اهو غلط نه آهي. اڄڪلهه ته ڪنهن جي پارٽي يا شادي وغيره ۾ وڃجي ٿو ته ميڪ اپ ضروري ٿو سمجهيو وڃي. جڏهن ڪا عورت ميڪ اپ نه ٿي ڪري اچي ته سڀ عورتون ان کان اهو ئي سوال ڪن ٿيون ته توهان ميڪ اپ ڇو نه ڪري آيا آهيو. اڳي ته صرف ڪنوارون ميڪ اپ لاءِ بيوٽي پارلر ۾ وينديون هيون پر هاڻ جيڪي عورتون آهن سي ڪنهن دعوت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ بيوٽي پارلر ۾ وينديون آهن. اڄڪلهه ته ميڪ اپ ڪرڻ ۽ جهڙا ڪپڙا تهڙي جوئيلري، چوڙيون، پرس، سينڊل ۽ لينس ڪيترو نه ميڪ اپ جو خرچ آهي پر عورت چوندي آهي ته ڀلي ڪيترو به مهانگو ميڪ اپ هجي جيڪو مون کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻائي. ميڪ اپ ۾ اڄڪلهه ته ڪيتريون ئي شيون شامل ٿي ويون آهن، فيشل، بليچ، آءِ بيروز، وارن جي سيٽنگ وغيره هينئر ته جيڪي ننڍڙيون ٻارڙيون آهن انهن کي به ايترو ته ميڪ اپ هوندو آهي ۽ انهن جي نازڪ چمڙي خراب ٿي ويندي آهي. ايتريون ننڍڙيون ٻارڙيون هونئن به سٺيون لڳنديون آهن، جيڪي عورتون خوبصورت هونديون آهن،اهي پنهنجي خوبصورتيءَ کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ميڪ اپ کان وڌيڪ ڪو وڏو ذريعو نه ٿيون سمجهن. ڏٺو وڃي ته اسڪول ۽ ڪاليج جون ٽيچرس ايڏو ته ميڪ اپ ڪريو ٿيون اچن جهڙو ڪنهن شادي يا نمائش ۾ ٿيون اچن، انهن استادن کي ڏسي شاگردياڻين جي به دل هرکي پوي ٿي ۽ اهي به ميڪ اپ جو استعمال ڪن ٿيون. اڄڪلهه ميڪ اپ عورتن لاءِ ئي نه پر مردن لاءِ به اهم ٿي ويو آهي.

ثمرين بانو/شهربانو

                عورت جي معنيٰ پردو آهي، اسلام کان اڳ عورتن کي ڪابه حيثيت حاصل نه هئي. عورتن کي زندهه دفن ڪرڻ، بوجهه سمجهڻ، پيرن جي جتي سمجهڻ ۽ هن کي پيءُ جي جائداد مان حصو نه ملڻ عورتن کي ڪوبه حق نه هو پر جڏهن اسلام آيو، عورتن کي هر حق ملڻ لڳو پر اسلام ڪجهه حدون مقرر ڪيون،جنهن مان ڪجهه هي آهن. (1) بلا وجهه گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ (2) گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پهرين وڏي چادر يا برقعي سان پنهنجو سڄو جسم ڍڪي ٻاهر نڪرو (3) ڪنهن غير محرم مرد سان نه ملو (4) خوشبو، ميڪ اپ لڳائي گهر کان ٻاهر نه نڪرو. اهڙيون ٻيون ڪيتريون حدون مقرر آهن، جن کي اورانگهڻ سان هن دنيا ۾ ته نقصان آهي پر آخرت به خراب آهي، پر جتي جتي اسان جي نظر وڃي ٿي ان هنڌ اسان کي هميشه عورتون فل ميڪ اپ سان ملنديون آهن ۽ جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته توهان ايترو ميڪ اپ ڇاجي لاءِ ڪنديون آهيو ته اڪثر اهي جواب ملندا آهن ته (1) گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پهرين انسان تيار ٿي نڪري نڪي منهن ڌوئي بس هليو وڃي ۽ ماڻهو سمجهن ته ماسي ڪم ڪرڻ واري آهي. (2) هي ميڪ اپ عورتن لاءِ ٺهيو آهي، نه وري مرد لاءِ عورتون نه ڪنديون ته ڪير ڪندو . (3) عورت چاهيندي آهي ته توجهه ملي ميڪ اپ سان ماڻهو اسان ڏي متوجهه ٿين ٿا.  (5) ڪنهن به بدصورت چهري کي ميڪ اپ خوبصورت بنائي ڇڏي ٿو. اڄ اسان جي معاشري ۾ ميڪ اپ ان لاءِ به ضروري آهي ته ٽي وي جي چئنل تي ميڪ اپ ڪرڻ جا طريقا، خوبصورتي کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ هي شيءِ استعمال ڪريو. مطلب ته ٽي وي ڏسي عورتون چاهينديون آهن اسان هيروئن وانگر خوبصورت ۽ دلڪش نظر اچون ۽ هو پوءِ ميڪ اپ جو سهارو وٺن ٿيون. جيڪي عورتون ميڪ اپ نه ڪنديون آهن ته هن کي غريب سمجهيو ويندو، اسان جي هن معاشري ۾ ميڪ اپ کانسواءِ عورتن جو گذارو ڪونهي، /صفحو 8 ڪالم 2

جيئن انسان، هوا، پاڻي کاڌي جي بغير نٿو رهي ائين عورتون ميڪ اپ جي بغير نٿيون رهي سگهن. اڪثر عورتون ميڪ اپ جي دڪان تي 4 يا 5 هزار جو سامان خريد ڪنديون آهن پر اهي ساڳيا پئسا توهان ڪنهن غريب کي راشن وٺي ڏيو ته ڪيترو نه ثواب ملندو.خدارا پنهنجو پئسو ۽ وقت بچايو، ڇاڪاڻ ته هن سان توهان جي آخرت سنوريندي. جيڪڏهن خوبصورت ٺهڻو آهي ته پنهنجي اندر قابليت، سچائي، ايمان، همدردي پيدا ڪريو.

بينش مصطفيٰ چانڊيو/حيدرآباد

                انتهائي حساس ۽ گلاب جي پنکڙين وانگر نازڪ جنهن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسجي ته سفيد جي گهرائي ان جي آڏو ڪابه معنيٰ نه ٿي رکي. عورت نالو آهي احساس جو، پيار جو، خوبصورتي جو، پاڪائيءَ جو  ۽ سچائي جو. دنيا جي خوبصورتي تي جيڪڏهن ڪو ڏاهو يا داناءُ لکي به ٿو ته سندس لکڻ جو ذريعو عورت جو حسن ئي هوندو آهي. مصنوعي حسن کي قدرتي حسن تي فوقيت اڄ ڪلهه جي ڳالهه ناهي. هزارين سال پهرين به عورتون چپن تي مساڳ، هٿن تي ميندي ۽ اکين ۾ ڪجل هڻنديون هيون.سدائين سونهن جي علامت ئي رهيون بس رڳو هاڻ ميڪ اپ ڪرڻ جو انداز بدليو آهي. ميڪ اپ ڇو ضروري آهي؟ ته اڄڪلهه ميڊيا عام آهي، ننڍڙن ٻارن کان وٺي نوجوانن کان وٺي پوڙهن تائين ڊراما ۽ فلمون ڏسڻ جو شوق ٿا رکن ۽ ڏسڻ وقت سندن جي ذهن تي رنگ؟ روپ حاوي ٿي وڃن ٿا. هر جوان جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس ڪنوار ايشوريا جيئن خوبصورت ۽ ماڌوري جي مسڪراهٽ رکندڙ هجي، ان ڪري اسان جون ڀينرون احساس ڪمتري کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت رکڻ لاءِ ۽ هن حسن پرست دور ۾ ميڪ اپ کي نجات جو هڪ ذريعو سمجهڻ لڳيون آهن.

زينب عزيز چانڊيو/عبدالله ٽائون قاسم آباد

                عورتون جيڪڏهن ميڪ اپ اپلائي نٿيون ڪن ته اهي پاڻ کي اڻ مڪمل سمجهن ٿيون ڀلي قدرتي سادگي وارو حسن هجي پر هڪ فيشن جي رواج مطابق ائين ڪرڻ لازمي ٿيون سمجهن ۽ هاڻي ميڪ اپ خريد ڪرڻ ۽ گهر جي شوڪيس، المارين ۾ ميڪ اپ کي به سجائي رکڻ هڪ قسم جو فيشن ٿي ويو آهي. جيڪي ڪا شيءِ هوندي ته اپلائي به لازمي ٿيندي. منهنجي نظر ۾ ميڪ اپ اپلائي ڪرڻ گهرجي به هلڪو ۽ وڌيڪ قدرتي حسن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

آر بي رند/گهارو

                ڏٺو وڃي ته عورت کي رب پاڪ قدرتي حسن سان نوازيو آهي پر هن معاشري ۾ ميڪ اپ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. اڄڪلهه جون عورتون ميڪ اپ کانسواءِ پنهنجي حسن کي اڌورو سمجهن ٿيون هن دور ۾ عورتون پنهنجي قدرتي حسن کي ميڪ اپ جي پردي سان لڪائي رکن ٿيون، ڇو ته جيڪا عورت ميڪ اپ نٿي ڪري هن ماڊرن دور ۾ ٻين عورتن سان گڏ قدم سان قدم ملائي نٿي هلي سگهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مصنوعي حسن صرف ڪجهه ڪلاڪن تائين برقرار رهي ٿو پر قدرتي حسن عمر ڀر، جيڪڏهن اسين ميڪ اپ ۽ پارلرن جي پٺيان پئسا برباد ڪرڻ بجاءِ قدرتي حسن کي برقرار رکڻ لاءِ ڊائيٽ تي ڌيان رکون ته اسان جي قدرتي حسن ۾ وڌيڪ نکار اچي سگهي ٿو. مصنوعي حسن جي فوقيت جي ٻي وجهه اسين ائين به چئي سگهون ٿا عورت ميڪ اپ ذريعي پنهنجي پاڻ کي مرضي مطابق ٺاهي سگهي ٿي ۽ پنهنجي قدرتي حسن ۾ ميڪ اپ ذريعي وڌيڪ نکار آڻي پنهنجي پاڻ کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ٿي.

رشيده رحيم ٽالپر/بدين

                جتي دنيا ترقي ڪري رهي آهي، جتي سهولتون وڌي رهيون آهن، اتي نوان نوان روپ سينگار جا طريقا به ايجاد ٿيندا رهن ٿا، عورت پنهنجي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ ميڪ اپ ڪري ٿي، هڪ عورت ٻي عورت کان پنهنجو پاڻ کي جڏهن گهٽ خوبصورت محسوس ڪري ٿي ته ميڪ اپ جو سهارو وٺي ٿي، ڪي عورتون پنهنجي اصليت لڪائڻ لاءِ به ميڪ اپ ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته چهرو ڳالهائيندو آهي ۽ ميڪ اپ ڪرڻ سان چهري جون لڪيرون به لڪي وڃن ٿيون. ميڪ اپ ڪرڻ هڪ بزنس بڻجي ويو آهي، خاص ڪري جڏهن شادي جو موقعو ٿئي ٿو ته ڪنوار جي ته اها ڊمانڊ هوندي آهي ته بيوٽي پارلر جو چڪر ضرور لڳائيندس، جيڪڏهن بيوٽي پارلر واري ڪنوار جي گهر اچي ميڪ اپ ڪري ٿي ته اتي ٻين عورتن جي به لائن نه کٽندي آهي، پوءِ ڪا پاڻ کي وڌيڪ حسين ڪرائڻ لاءِ ميڪ اپ ڪرائي ٿي ته ڪا عمر کي لڪائڻ لاءِ ميڪ اپ ڪري ٿي، عورت جي اها نيچر رهي آهي ته ماڻهو مون کي ڏسن ۽ مان سڀني عورتن کان نمايان هجان، وري ميندي لڳرائڻ ته عورت پنهنجي روٽين ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش رکنديون آهن. جيڪڏهن عورتن کي حڪمراني ڏجي ته ميڪ اپ کي قانون/ آئين ۾ شامل ڪرڻ ۾ دير نه ڪنديون. جڏهن پيار، پريت، چاهت، محبت، وفا، سپنا، قربتون، سچاين جو جنم ٿيندو آهي ته ان کان ڪافي اول حسن جي ابتدا ٿي چڪي هوندي آهي. اڄ جي عورت وٽ وري مصنوعي حسن تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. وقت وقت کي سلام آهي جتي هير جو حسن هو جتي ليلا به حسين هئي، ان جي ڀيٽ ۾ مصنوعي حسن پنهنجا رنگ ئي نرالا ڪري ڇڏيا آهن، اڳ ۾ ته عورت پنهنجو چهرو ڏينهن ۾ صاف ڪنديون هيون پر اڄ هر ڪلاڪ کانپوءِ چهرو ڌوئين ٿيون. دنيا جيئن جيئن ترقي ڪري ٿي ٻين سڀني شين سان گڏ عورت آرٽيفيشل شين کي اهميت ڏيئي رهي آهي. اڄ تائين به ٻهراڙي جي جوان عورت پنهنجي پيڙها ۽ ٻني، گهر جي ڪم ڪار ۾ چهري جي اصليت وڃائي رهي آهي پر شهر جي جوان عورت ته ٺهيو پر چاليهه سالن جي عورت جڏهن ٽو ڊي ۾ گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته مصنوعي حسن جي سهاري ۾ 25 سالن کان به گهٽ عمر جي محسوس ڪرائي ٿي ٻهراڙي ۾ اڃا به عورت وٽ قدرتي حسن رهيل آهي پر آهستي آهستي ان تي به مصنوعي حسن وڌندو ٿو وڃي، جنهن جو سبب ميڊيا جي ترقي، عورت کي تمام گهڻا ڪم، ننڍي ڄمار ۾ شادي ۽ گهڻا ٻار، ٻي عورت کان پاڻ کي گهٽ خوبصورت محسوس ڪرڻ پر حقيقت ۾ صرف خوبصورت ۽ حسين ٿيڻ سڀ ڪجهه ناهي، جيستائين هر عورت پنهنجي سيرت، اخلاق کي حسين نه ڪندي تيستائين ان عورت کي مڪمل حسين نه چئبو.

شمس قاسم جوڻيجو/ڪراچي

                هن دور ۾ ميڪ اپ ايترو ضروري ٿي پيو آهي، جيئن زندهه رهڻ لاءِ ساهه کڻڻ، هن معاشري ۾ رٿيل رواجن عورتن جي مصنوعي حسن کي قدرتي حسن تي فوقيت ڏئي ڇڏي آهي، اڄ جي انساني سوچ اهڙي طرح سان بدلجي وئي آهي جو عورتون ميڪ اپ ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن. ميڪ اپ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب توهان کي اڄ جي دور ۾ ملندا. عورت ميڪ اپ يا ته مرد ذات کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي يا وري پوءِ هن معاشري ۾ هڪ بهترين مقام ٺاهي ۽ ان جي ريتن ۽ رواجن کي پورو ڪرڻ لاءِ. هڪ شادي شده عورت ميڪ اپ صرف ان لاءِ ڪندي آهي جو هو پنهنجي مڙس کي خوش ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مرد ذات پنهنجي زال کي هميشه سجيل ۽ سنوريل روپ ۾ ڏسڻ چاهيندو آهي ۽ ٻين لفظن ۾ ته هو پنهنجي زندگي کي بچائڻ لاءِ به ميڪ اپ ڪندي آهي. مڙس جڏهن ٻاهر ويندو آهي ۽ اتي عورتن کي ڏسندو آهي، جيڪي الاهي اسٽائلش هونديون آهن ۽ وري پنهنجي گهر واري کي ڏسندو آهي جيڪا سادي هوندي آهي، ميڪ اپ سان هن جو ڪو واسطو نه هوندو آهي ته پوءِ مڙس هن کان بيزار ٿيڻ لڳندو آهي، پوءِ ڀلي هو ان جي گهر وارن ۽ گهر کي سٺي طرح سان ڇو نه سنڀاليندي هجي، هن جي پنهنجي زال جي برعڪس ان کي اهي عورتون attract ڪنديون آهن، جيڪي فل ميڪ اپ ۾ هونديون آهن ۽ جڏهن هو پنهنجي زال کي هڪ سادي روپ ۾ ڏسندو آهي ته هن جو دل پنهنجي زال کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته هن جو سڄو ڏينهن آفيسن ۾ گذرندو آهي ۽ شام جو وري ڪلب ۾ گذرندو آهي، انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ عورتون ميڪ اپ ڪنديون آهن ته جيئن انهن جا گهر وارا ڀٽڪڻ کان بچي سگهن. هن دور ۾ جتي ڇوڪرين جي شادي ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي، اُتي جيڪڏهن ڪا سادي ڇوڪري هجي ته پوءِ ان جي شادي ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي. پهرئين زماني ۾ ماڻهن جي سوچ اڄوڪي انسان جي سوچ کان ڪافي تبديل هوندي هئي، پهرئين زماني ۾ ڪنواري ڇوڪري ميڪ اپ ڪانه ڪندي هئي، جيڪڏهن هو سرخي به لڳائيندي هئي ته ان کي عجيب نظرن کي منهن ڏيڻو پوندو هو پر اڄڪلهه اهو سڀ ابتڙ ٿي رهيو آهي، اڄ جون ڇوڪريون بالخصوص ڪنواري ڇوڪري کي پنهنجن مائرن جي طرفان اهو حڪم هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شادي يا پارٽي ۾ وڃڻو آهي ته پوءِ انهن کي فل ميڪ اپ ڪرڻو هوندو، ان ۾ قصور ان ڇوڪري يا وري ان جي ماءُ جو ڪونهي پر قصور اسان جي معاشري ۾ تبديل ٿيندڙ انساني سوچ جو آهي، ڇو ته اڄڪلهه جا ماڻهو اصل سادگي ۽ خوبصورتي کي نه ڏسندا آهن پر مصنوعي خوبصورتي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو ڇوڪرين جي قدرتي خوبصورتي نه ڏسندا آهن ته هو ڀلي معاملي شڪل جي سگهڙ ۽ خوب سيرت آهي هر ڪنهن جي عزت ڪندڙ آهي، اهو مثال هڪ غريب ڇوڪري جو آهي، جنهن وٽ ايترا پئسا نه هوندا آهن جو هو پاڻ کي Groom ڪري سگهي پنهنجي مولي شڪل کي ميڪ اپ سان هڪ نئون رنگ ڏئي ان ويچاري جي انهيءَ غريبي سبب هن جو ڪنهن سٺي فيملي ۾ رشتو نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هن لاءِ ڪو رشتو ايندو آهي ته اها فيملي ان کي اهو چئي رجيڪٽ ڪري ڇڏيندي آهي ته هي اسان جي ليول جي ڪانهي، هن کي ته فيشن ڪرڻ جي اي بي سي به نه ٿي اچي. ان ڇوڪري جا سڀ خواب صرف انهيءَ ڪري چڪنا چور ٿي وڃن ٿا جو ان وٽ فيشن ڪرڻ يا وري ميڪ اپ جو سامان وٺڻ لاءِ پئسا ڪونه هوندا آهن پر ان جي برعڪس اها ڇوڪري جيڪا گل اسٽائلش ۽ فل ميڪ اپ هجي پر گهر جي ڪم ڪار ۾ زيرو هجي پر انهيءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جا ماڻهو قدرتي خوبصورتيءَ کي مصنوعي خوبصورتي تي فوقيت ڏيڻ لڳا آهن. هي دور آزمائش جو دور آهي ۽ ان دور ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ توهان کي فيشن ۽ ميڪ اپ جي هر قدم تي ضرورت پوندي آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ صرف انهن عورتن کي ترجيع ڏني ويندي آهي، جيڪي Fashionable هونديون آهن. اڪثر ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ جيڪي ڇوڪريون Fashionable هونديون آهن، انهن کي هر ڪامپٽيشن ۾ اڳيان ڪيو ويندو آهي ۽ وري هڪ سادي ڇوڪري جي ٽيلنٽ کي مصنوعي حسن تي فوقيت ڏني ويندي آهي، اهڙي ريت آفيسن ۾ انٽرويوز ڏيڻ لاءِ ايندڙ ڇوڪرين مان ترجيح صرف انهن ڇوڪرين کي ڏيندي آهي، جيڪي اسٽائلش هونديون آهن، پوءِ ڀلي انهن کي ايندو ڪجهه به نه هجي اتي به مرد ذات جي سوچ ئي سامهون ايندي آهي ته هو مصنوعي خوبصورتي کي فوقيت ڏيندا آهن پر هر شيءِ جا ٻه پاسا هوندا آهن، هر شيءِ جا ٻه نظريه هوندا آهن، الله تعاليٰ هن دنيا کي الاهي خوبصورت ٺاهيو آهي ۽ اها انسان ذات جي فطرت ۾ آهي جو انهن کي خوبصورت شيون Attract ڪنديون آهن، انهيءَ ڪري مرد چاهيندو آهي ته جيڪا عورت هن سان لاڳاپيل هجي اها خوبصورت هجي ۽ عورت به اهو ئي چاهيندي آهي، هڪڙي سادي روپ کي نکارڻ لاءِ ميڪ اپ توهان جي مدد ڪندو آهي، جيئن سون جڏهن پنهنجي قدرتي حالت ۾ خوبصورت نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جا زيور ٺاهيا وڃن ته هو ايترو پرڪشش نه هوندا آهن ۽ پوءِ ان کي خوبصورت ڪرڻ ۾ مصنوعي طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن هو ماڻهن کي Attract ڪري اهو ان جو هڪڙي قسم جو ميڪ اپ ئي آهي، جيڪو هن کي وڌيڪ خوبصورت ڪري ٿو. ائين ئي عورتون قدرتي لحاظ کان خوبصورت ته هونديون آهن پر پنهنجي روپ کي اڃا خوبصورت ڪرڻ لاءِ ميڪ اپ استعمال ڪنديون آهن.

شازيه علي شير ملاح/سنڌ آبادگار شگر ملز

                جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته ميڪ اپ جو فيشن ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ هر ڪنهن ميڪ اپ کي پنهنجي لاءِ ضروري بڻائي ڇڏيو آهي. اڄڪلهه عورت گهر کان بنا ميڪ اپ جي ته نڪرندي ئي ناهي، هو اهو سمجهندي آهي ته بغير ميڪ اپ جي اسان سٺا نٿا لڳون ۽ ميڪ اپ اسان لاءِ ضروري آهي، حالانڪه اها سوچ غلط آهي ڇو ته عورت سادگي ۾ وڌيڪ سٺي لڳندي آهي پر عورت پاڻ کي ميڪ اپ جو عادي بنائي چڪي آهي. ان ڪري ان کي اهو ئي لڳندو آهي ته اسان ميڪ اپ ۾ سٺا ٿا لڳون، ان ڪري هر وقت ميڪ ۾ ئي رهنديون آهن. ماڻهن پاڻ تي مصنوعي حسن کي وڌيڪ فوقيت ڏني آهي، قدرتي حسن جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه ميڪ اپ ۽ فيشن ايترو عام ٿي چڪو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن کي ميت ۾ به وڃڻو هوندو آهي تڏهن به اهو فڪر ته eye brows  ٺهرائڻا آهن ٿورو ميڪ اپ به ڪريان سٺا ڪپڙا پايان ائين ته سٺي نٿي لڳان پوءِ وڃان، موت تي ائين ٿيندو آهي جيڪڏهن شادي ۾ وڃڻو آهي ته پوءِ ته بس!! پورو ڏينهن ميڪ اپ ۾ ايترو تيار ٿينديون آهن جو حد ناهي! هر عورت اهو چاهيندي آهي ته سڀني کان سٺي آئون لڳان، فلان ايترو تيار ٿي ايندي آئون ڇو گهٽ لڳان، پوءِ ڀلي پئسا هجن يا نه هجن پر مقابلو ڪرڻو آهي پر جيترو انسان سادو سٺو لڳندو آهي ايترو ميڪ اپ ۾ نه! ٺيڪ آهي ميڪ اپ ڪيو پر پورو سارو جيترو سٺو لڳي. پوءِ ائين نه لڳي ته اوهان ميڪ اپ کان سواءِ رهي نه سگهو ۽ پوءِ ميڪ اپ جا نقصان به ٿيندا آهن، جيڪي اڳيان هلي ظاهر ٿيندا آهن پوءِ ته مجبورن ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي، اهو به ڏٺو ويو آهي ته مرد عورت کي ميڪ اپ ۾ پسند ڪندا آهن پوءِ عورت به ميڪ اپ جو استعمال وڌيڪ ڪندي. جيڪڏهن توهان ڪٿي رشتي لاءِ ٿا وڃو ته ڇوڪري بغير ميڪ اپ جي اوهان کي نه وڻندي ۽ اهائي ڇوڪري ميڪ اپ ڪندي ته وڻندي. ان لاءِ عورت لاءِ ميڪ اپ ضروري ٿي ويو آهي ۽ مقابلو به هوندو آهي ته ڪير وڌيڪ ميڪ اپ ٿو ڪري ۽ سٺو لڳي. ڪجهه مرد سادگي کي پسند ڪندا آهن ۽ ڪجهه مصنوعي حسن کي وڌيڪ فوقيت ڏيندا آهن، ان ڪري ميڪ اپ ضروري ٿي پيو آهي. اڄڪلهه اسٽار پلس جا ڊرامه ڏسي ڪري عورتون ميڪ اپ ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ لڳيون آهن، ميڪ اپ ڪيو پر جيترو توهان جي اسڪن برداشت ڪري سگهي. قدرت واري انسان کي ايڏو سهڻو ٺاهيو آهي ان کي نه وڃايو، پنهنجي سونهن، مصنوعي حسن ڪجهه وقت لاءِ هوندو آهي ۽ قدرتي حسن پوري زندگي ان لاءِ قدرتي حسن کي وڌيڪ فوقيت ملڻ کپي. مصنوعي حسن کي وڌيڪ فوقيت ماڻهن پاڻ ڏني آهي، ميڪ اپ کان پنهنجي اسڪن کي بچايو، سادگي ۾ رهڻ وڌيڪ بهتر آهي، مصنوعي حسن کي فوقيت هجڻ جا گهڻائي سبب آهن.

فضا راجه/لاڙڪاڻو

                جڏهن مون اهو سوال پڙهيو ته عورت لاءِ ميڪ اپ ڇو ضروري آهي اهو ڏسي مون کي تمام خوشي ٿي اڄ جي عورتن جي اڳيان اهو سوال رکيو ويو آهي، جتي هر عورت پاڻ کي سنوارڻ ۽ سهڻو پيش ڪرڻ جي لالچ ۾ پنهنجي ارد گرد جي رشتن ۽ تهذيب کان بي خيال آهن. آخر هر عورت ميڪ اپ جو ليپ چاڙهي ڇاٿي ثابت ڪرڻ چاهي، اڄ جي عورت توڙي ننڍين ڪلاسن جون ڇوڪريون به اسڪول ميڪ اپ کانسواءِ وڃڻ گوارا نه ٿيون ڪن. ڪاٿي ڇوڪري، ڇوڪريءَ کي ساڙڻ لاءِ ميڪ اپ ۽ فيشن ڪري جتائي ٿي ته مان توکان وڌيڪ سهڻي ۽ فيشن واري آهيان، ڏٺو وڃي ته اهڙو رويو غريب ڇوڪرين کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿو ڪري. اڄ ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ ميڪ اپ ۽ فيشن جون ڳالهيون ٿيون هلن، ان ميڪ اپ ۽ فيشن اڄ جي عورت کي عورت جي واقفيت کي بي نياز ڪري ڇڏيو آهي. اڳي زماني ۾ صورت جي بدران سيرت کي ڏٺو ويندو هو. جهڙوڪ ابتڙ اڄ جي زماني ۾ صرف، صورت، فيشن ۽ ميڪ اپ کي اهميت ڏني ٿي وڃي. شايد ڇوڪري لاءِ ميڪ اپ ان لاءِ به ضروري ٿي ويو آهي، هر ڇوڪرو، ڇوڪري جي فيشن ۽ ميڪ اپ تي نظر رکي ٿو ته ڇوڪري ڪيتري فيشن واري آهي پوءِ وڃي ٿو شادي لاءِ راضي ٿئي. هڪ شادي شده عورت کي مڙس ميڪ اپ ڪرڻ جي ڊمانڊ رکي ٿو ۽ عورت ان جي خواهش کي ته پورو ڪري ٿي پر ان خواهش جي پويان ان کي سس جا تانا به ٻڌڻا پون ٿا. اڄ جي دور ۾ قدرتي حسن تي مصنوعي حسن واقعي فوقيت رکي ٿو. چوڌاري نظر وجهون ته ڪابه ڇوڪري يا عورت ميڪ اپ کانسواءِ نظر نه ايندي. نوجوان نسل جون ڇوڪريون ميڪ اپ جو ليپ چاڙهي ۽ جديد فيشن سان پاڻ کي آرستا ڪري ڇوڪرن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائين ٿيون ۽ ان شيءِ کان بي خبر اسين والدين جي اعتبار جو ڇا ٿا سِلو ڏيون. وري ڪي عورتون اهڙيون به آهن جيڪي مڙسن کي ائين چونديون آهن ته منهنجي فلاڻي سهيلي وٽ هيترو ميڪ اپ هيترا ڪپڙا آهن. هوءَ روز هيترو ميڪ اپ ڪن ٿيون مان نه ڪريان؟ اهڙن شين تي ڪيترن ئي گهرن ۾ جهڳڙن جا سبب ٿيا آهن. مون کي ته اهڙن عورتن تي رحم ٿو اچي. جيڪي پنهنجي گهريلو مسئلن کان وڌيڪ سهيلي جي فيشن کي ڏسي مڙسن کان اهڙي ڊمانڊ ٿيون ڪن ۽ ان شيءِ کان بي خبر ته مڙس ڪهڙي حالت کان گذري ٿو، ان کي ساٿ ڏيڻ جي بدران ان کي تڪليف ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ڪري. اڪثر اهو ڏٺو وڃي ٿو ته عورتون، عورتن کي ڏيکارڻ لاءِ فيشن ڪن ٿيون. پوءِ اهي ان لاءِ گهر وارن کي پريشان ڪن يا مڙس کي، پر عورت، عورت جي سامهون گهٽ لڳي اهو ان کان برداشت نه ٿيندو. اڄ اخلاق ۽ سيرت نالي جي ڪابه شيءِ نظر ڪونه ٿي اچي. عورتون پيءُ، ڀاءُ جي سامهون اهڙو ته فيشن ڪري اچن ٿيون جو اهي شرمسار پيا ٿين. خدا جي عطا ڪيل قدرتي سونهن لڪائي مصنوعي سونهن حاصل ڪن ٿيون ته ڇو؟ خدا جيڪو عطا ڪري ٿو ان مان مطمعين ڇو نه ٿيون آهن. آخر ۾ انهن سڀني ڀينرن کان التجه ٿي ڪريان جيڪي اسڪولن ۾ پڙهن ٿيون ۽ جيڪي مڙسن کي ۽ گهر وارن کي ميڪ اپ ۽ فيشن جهڙي فضول شين جي ڪري پريشان ڪن ٿيون. خدارا اهو سمجهو ته اسين مٽي جا ٺهيل انسان آهيون، ۽ (مان) نه ڪريو.

نوشين صبا تونيو/شهر گڊو بئراج