ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2 |
|
عورت اڄ به رسمن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي! حسين مسرت شاهه
شاديءَ جي ڪاڄ ۾ هڪ عورت سڀني جي نظرن جو مرڪز هئي. هوءَ پرڪشش ۽ سنجيده چهري جي مالڪ هئي. لباس به سادو هئس ۽ ميڪ اپ بلڪل ٿيل ڪونه هيس. عمر تقريبن 40-45 جي اندر هوندس. هوءَ هر رسم ۾ اڳيان هئي، هر ساٺ سنئوڻ ۾ پيش پيش هئي.سڀ ڪجهه پنهنجن هٿن سان ڪري رهي هئي. اڪثر عورتون هن کي تنقيد وارين نظرن سان ڏسي رهيون هيون. عورتن جي ٽوڪن ۽ طنزيه نظرن مان خبر پئي ته هو بيواهه هئي، ان ڪري اعتراضن جو نشانو بڻيل هئي ۽ گهڻين عورتن هن جي ساٺن ۽ سنئوڻن ۾ شرڪت کي پسند ڪونه پئي ڪيو پر سندس عزيزن هن کي پوئتي ٿيڻ ڪونه پئي ڏنو. اسان جي سماج ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته بيواهه جي زندگي کي اذيت ناڪ بڻايو ويندو آهي. انهن جو گهمڻ ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ ٻاهر نڪرڻ، پائڻ ڍڪڻ، کلڻ ڳالهائڻ هر ڳالهه تي ڄڻ ته ڪرفيو لڳايو ويندو آهي. هٿ ٺوڪيل رسمن رواجن جي ڄار ۾ هن کي قيد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ هوءَ ساهه به تمام مشڪل سان کڻي سگهندي آهي. مذهب ڪجهه مخصوص ڏينهن کان پوءِ بيواهه کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو، پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جي اجازت ڏي ٿو پر اسان جي سماج ۾ بيواهه عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ، هار سينگار ڪرڻ، رنگين ڪپڙا پائڻ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ايتري قدر جو خوشين وارين محفلن ۾ هن کي هڪ اڇوت وانگر پري رکيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ننڍي عمر ۾ بيواهه ٿي وڃي ٿي ته ان جي ٻي شاديءَ کي به عيب سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڇوڪرين کي ساڳئي گهر ۾ ڏير سان يا ڪنهن ويجهي رشتيدار سان شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. هاجران جي شادي ننڍپڻ ۾ ئي پاڻ کان وڏي عمر جي مرد سان ٿي ويئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس گهر وارو گذاري ويو. اولاد به ڪونه ٿيس، هن سڄي عمر اڇن ڪپڙن ۾ گذاري ڇڏي زندگيءَ جي هر خوشي هر رنگ ڄڻ ته هن لاءِ حرام ٿي ويو. هو تمام وڏي گهراڻي جي عورت هئي. ان ڪري ٻي شادي جو سوچيائين به ڪونه. اسان جي سماج ۾ بيواهه جي شاديءَ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. هنن کي بي رونق ۽ محدود زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. خورشيد ۽ دلشاد جي ڪهاڻي هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٻنهي کي 2 ٻار آهن هوءَ شاديءَ جي 6 ورهين اندر بيواهه ٿي ويون، حادثاتي موت هنن جي زندگيءَ جا سڀ رنگ ڦري ورتا. هنن مري ويلن سان گڏ مرڻ قبول ڪونه ڪيو. آهستي آهستي پنهنجن ٻارن کي توجهه ڏيڻ لڳيون ۽ زندگيءَ جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳيون. هنن جو چوڻ آهي ته: ”اسين پنهنجن ٻارن کي خوش رکڻ لاءِ رنگين ڪپڙا پايون ٿيون ۽ سينگار به ڪيون ٿا، ڇو ته جيڪڏهن اسين غمگين آهيون ته اسان جا ٻار به پريشان ۽ غمگين رهن ٿا.“ دلشاد ۽ خورشيد تي ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪندا آهن ته ڪجهه وري سندن حوصلي کي ساراهيندا آهن. 40- 50 سال پهرين ۽ هينئر جي سماجي روين ۾ ڪافي فرق اچي ويو آهي. پهرين ڪنهن اڪيلي عورت ڏانهن آڱر کڻي تنقيد ڪرڻ سولي ڳالهه هوندي هئي پر اڄ ڪلهه بيواهه عورتن جي ڪاڄن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ رنگين ڪپڙڻ پائڻ تي گهٽ تنقيد ڪئي ويندي آهي. اڄ ڪلهه بيواهه عورتون پوري حوصلي ۽ همت سان زندگي گذارين پيون . ٻار سنڀالين ٿيون ۽ اڪيلي سر زندگي گذارڻ کي ٻي شاديءَ تي ترجيع ڏين ٿيون. ڇو ته ٻي شادي سان هڪ مسئلو حل ٿو ٿئي ته وري 10 مسئلا شروع ٿي ٿا وڃن. گهڻو ڪري مرد بيواهه عورتن سان شادي ڪرڻ کان لنوائيندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻار هوندا آهن ته انهن جي ذميواري کڻڻ کان به انڪار ڪندا آهن. ڪجهه واقعن ۾ وري ٻار به ٻئي پيءُ کي قبول ڪونه ڪندا آهن ۽ هن عورت لاءِ ٻارن کي سمجهائڻ مسئلو بڻجي پوندو آهي. پوءِ هو پنهنجن ٻارن جي خوشي ۽ سماج جي تنقيد کان بچڻ لاءِ اڪيلي زندگي گذارڻ پسند ڪنديون آهن. اسان جي سماج ۾ ڪافي حد تائين مثبت سوچ پيدا ٿي رهي آهي. اهو ڏينهن پري ڪونهي جو اسين هر ڪنهن جي خوشين جا ٺيڪيدار بڻجڻ ڇڏي ڏينداسين ۽ هر عورت چاهي اها بيواهه هجي يا طلاق يافته هجي ان کي زندگيءَ جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار سمجهي زندگي جيئڻ جو حق ڏينداسين. |