ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

گرمي جي موسم ۾ چهري جي حفاظت

رينا علي

 

                دنيا جي هر عورت پنهنجو رنگ روپ نکارڻ جي فڪر ۾ رهندي آهي، هو پنهنجي پاڻ کي خوبصورت بڻائي پيش ڪرڻ کي پنهنجو بنيادي حق سمجهي ٿي، جيڪو غلط نه آهي، رنگ روپ هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي هر ڪنهن کي خواهش هوندي آهي، انسان جي چهري جا نقش ڪيترائي خوبصورت ڇو نه هجن جيڪڏهن رنگ روپ گدلو آهي ته اسان اهڙي چهري کي خوشنما نه ٿا چئي سگهون، جهريون ڇائيون ۽ داغ ڌٻا اهي سڀ چمڙي جي خرابي جا ظاهري نشان آهن ۽ اهي رنگ روپ کي ناقص بڻائي ڇڏين ٿا، ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نقش ۽ نگار نه هجڻ جي باوجود جيڪڏهن رنگ ۽ روپ سٺو آهي ته چهرو ڪنهن قدر ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهي ٿو، اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي خوبصورت بڻائي پيش ڪرڻ چاهيندا آهن ته اهي پنهنجي چمڙي جي حفاظت کان غافل نه ٿين ۽ ان جي صفائي جي تڪليف کڻڻ کان به نه ڪيٻائين، جذبات جو اثر دل تي ٿيندو آهي، جهڙي ريت سردي، گرمي ۾ چمڙي تي ٿيندو آهي،  ڪاوڙ ۾ اچڻ وارا جذبا ساهه کي تيز ڪندا آهن، ان ڪري ان وقت رت جي دوري ۾ به تيزي اچي ويندي آهي، چمڙي جي سطح جو درجه حرارت وڌي ويندو آهي ۽ چهرو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، انهيءَ ڪري مختلف جذبات مختلف رنگ به چمڙي تي اثر انداز ٿيندا آهن، مثال طور مايوس ڪرڻ وارو جذبو يعني رنج ۽ خوف وغيره ساهه جي تيزي ۾ گهٽتائي ڪندا آهن، انهيءَ ڪري رڳن ۾ رت اڀرڻ، ڦهلجڻ ۽ حرڪت ڪرڻ يعني رت جي دوري جو  دٻاءُ سست ٿي ويندو آهي، جنهن جو نتيجو اهو  نڪرندو آهي جو چمڙي پيلي (ڦڪي) ٿي ويندي آهي، پگهر اچڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي، ان کانسواءِ جذبات جي سبب ڪيترائي دفعا ٻيا مرض پڻ پيدا ٿي ويندا آهن، مثال طور غم، ڪاوڙ۽ رنج ۽ فڪر جيڪڏهن وڌي وڃن ته مستقبل ۾ اهڙي مزاج جي سبب ڪيتريون ئي  چمڙي جون بيماريون قابل ذڪر آهن، گرمين ۾ جيڪي عورتون صاف ۽ شگفته رنگ ۽ روپ حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون اهي پنهنجو پاڻ کي سج جي شعاعن کان بچائين، سج جي شعائين کي   چهري تي نه پوڻ ڏين، سج جي گرمي چهري کي مرجهائي ڇڏيندي آهي ۽ ان کي خشڪ ٺاهي ٿي ۽ اڪثر ڪري داغ ڌٻا پڻ پيدا ٿيندا آهن، سخت سردي جي ڪري چهري جي چمڙي خشڪ ٿي ڪري اڀرندي آهي ۽ چهري جي طرف رت جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي، تندرست ماڻهن لاءِ سردي فائديمند آهي پر شرط اهو آهي ته سردي خشڪ هجي، برسات نه ٿئي، انهن ماڻهن لاءِ اهو سيارو به فائديمند آهي، جيڪي گهڻي ورزش ڪندا آهن، اسان جي جسماني خوبصورتي ۽ نشونما ۾ اسان جي چهري جي خوبصورتي جو سڀ کان وڌيڪ دخل هوندو آهي، چهري جي خوبصورتي ۾ چمڙي جو خوبصورت هئڻ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي، جنهن جي طرف ڪنهن صورت ۾ اکيون بند نه ٿيون ڪري سگهجن، گهڻو ڪري گرم علائقن  رهڻ وارن کي چمڙي جي تڪليف وڌيڪ هوندي آهي، گرم ۽ خشڪ آبهوا اسان جي چمڙي جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، خشڪ چمڙي انسان کي گهڻو بيچين ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهڙين چمڙين تي جلدي ئي جهريون پوڻ شروع ٿي وينديون آهن پر ان کي روڪڻ جا گهڻائي طريقا آهن جن جي ذريعا اسان انهن کي روڪي سگهون ٿا، مثال طور جيڪڏهن پاڻي خشڪي پيدا ڪرڻ وارو آهي ته ان کي نارمل ڪرڻ لاءِ نرم ڪرڻ وارو کائڻ واري سوڍا کي پنهنجي وهنجڻ واري پاڻي ۾ ٿوري مقدار ۾ وجهو، جيڪو تمام فائديمند آهي يا وري زيتون يا بادام جي تيل جو وهنجڻ کانپوءِ پنهنجي جسم تي مساج ڪريو، ان سان چمڙي تي نکار ايندو ۽ خشڪي به ختم ٿي ويندي.